پيٽرول بحران بابت اجلاس ۾ اسحاق ڊار ۽ خواجه آصف پاران شرڪت نه ڪرڻ تي سينيٽ ميمبرن جو احتجاج

پيٽرول بحران بابت سينيٽ جي ٽن اسٽينڊنگ ڪميٽيز جي گڏيل اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير ۽ پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير جي شرڪت نه ڪرڻ تي ميمبرز سخت احتجاج ڪيو آهي، پيٽروليم واري وفاقي وزير شاهد خاڪان عباسي چيو آهي ته طلب وڌڻ سبب پيٽرول جو بحران ٿيو، جيڪڏهن ميڊيا معاملي کي نه وڌائي ها ته ايترو بحران پيدا نه ٿئي ها.

اسلام آباد ۾ پيٽرول بحران بابت سينيٽ جي پيٽروليم، ناڻي، پاڻي ۽ بجلي بابت اسٽيندنگ ڪميٽيز جو گڏيل اجلاس ٿيو.

اجلاس ۾ پيٽروليم واري وفاقي وزير شاهد خاڪان عباسي شرڪت ڪئي، جڏهن ته ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار ۽ پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير خواجه آصف شرڪت نه ڪئي.

پيٽروليم واري وزير ٻڌايو ته هلندڙ مهيني لاءِ 2 لک 70 هزار ٽن پيٽرول جو ذخيرو برقرار رکڻو هو پر طلب وڌڻ سبب پيٽرول جو بحران پيدا ٿيو.

شاهد خاقان عباسي ٻڌايو ته ميڊيا پاران معاملي کي وڌائڻ سبب به پيٽرول جو بحران پيدا ٿيو، ڪراچي ۾ رڳو هڪ خبر سان سمورا پيٽرول پمس بند ٿي ويا، غلط رپورٽنگ جي ڪري بحران ۾ واڌ آئي.

ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر نسرين جليل، پيٽروليم واري وزير ڏانهن مخاطب ٿيندي چيو ته سمور بار توهان پنهنجي ڪلهن تي نه کڻو، رڳو توهان کي قرباني جو ٻڪرو بڻايو پيو وڃي.

پاڻي ۽ بجلي بابت سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين زاهد خان چيو ته هر وزير کي پنهنجي وزارت جي ڪارڪردگي بابت آگاهه ڪرڻ گهرجي، ٻيا وزير ڪميٽيز کي اهميت نه ڏئي رهيا آهن.

پ پ سينيٽر جهانگير بدر چيو ته اڄوڪي اجلاس ۾ پيٽرول بحران جي ذميوارن جو تعين ٿيڻ گهرجي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*