ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنائـِي چيو آهي ته ايراني قوم ڊونلڊ ٽرمپ جي ڌمڪين کان ڊڄڻ واري نه آهي

Iranian-Ayatollah-Ali-Khamenei-7217

ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنائـِي چيو آهي ته ايراني قوم ڊونلڊ ٽرمپ جي ڌمڪين کان ڊڄڻ واري نه آهي، 10 فيبروري تي ٽرمپ کي ٻڌائينداسين ته ڌمڪين جو جواب ڪيئن ڏبو آهي. اهڙو اظهار هن تهران ۾ فوجي آفيسرز جي هڪ تقريب کي خطاب دوران ڪيو.

ايران جي روحاني پيشوا چيو ته آمريڪا جي نئين صدر دنيا کي پنهنجي ملڪ جو اصلي چهرو ڏيکاريو آهي. ٽرمپ جا قدم انهن ڳالهين جو ثبوت آهن، جيڪي ايران گذريل 30 سالن کان آمريڪا جي باري ۾ چوندو رهيو آهي. اسان آمريڪا کي وائکو ڪرڻ تي ٽرمپ جا ٿورائتا آهيون، هن اسان جو ڪم آسان ڪيو آهي.

علي خامنائي چيو ته ڪو به دشمن ايران کي مفلوج بڻائي نه ٿو سگهي. ٽرمپ چوي ٿو ته ايرانين کي مون کان ڊڄڻ گهرجي. ايراني قوم ٽرمپ جي ڌمڪين کان ڊڄڻ واري نه آهي. ايراني عوام 10 فيبروري تي پنهنجو جواب ڏيندو ۽ ٻڌائيندو ته ڌمڪين جو جواب ڪيئن ڏبو آهي.

ڊونلڊ ٽرمپ 29 جنوري تي ايران پاران ميزائيل تجربا ڪرڻ تي سخت ردعمل ظاهر ڪندي چيو هو ته ايران باهه سان کيڏي رهيو آهي ۽ اوباما ايرانين لاءِ مهربان هو پر آئون ايران لاءِ مهربان نه آهيان.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*