سنڌ يونيورسٽيءَ جي شعبي ڪمپيوٽر سائنس جي ٻئي سال جو شاگرد پوائنٽ بس مان ڪِري فوت ٿي ويو

uni student

سنڌ يونيورسٽيءَ جي شعبي ڪمپيوٽر سائنس جي ٻئي سال جو شاگرد پوائنٽ بس مان ڪِري فوت ٿي ويو، يونيورسٽي انتظاميه ٽرانسپورٽ شعبي جي سربراهه کي هٽائي انڪوائري جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

سنڌ يونيورسٽي جي ڪمپيوٽر سائنس شعبي جي ٻئي سال جو شاگرد جهانزيب آرائين سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ لاءِ پوائنٽ بس جي گيٽ تي سوار هو ته مهراڻ يونيورسٽي آڏو ڪِري پيو، سخت ڌڪ لڳڻ سبب نوجوان جهانزيب آرائين فوت ٿي ويو.

نوجوان جي لاش کي لمس ۾ رکيو ويو آهي، جتي يونيورسٽي جي رجسٽرار سميت انتظاميه ۽ شاگردن جي وڏي انگ وڃي مڙهه کي ڏٺو.

حادثي کانپوءِ يونيورسٽيءَ جي پوائنٽ بس جو ڊرائيور فرار ٿي ويو آهي، جڏهن ته ڪلينر کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*