سنڌ جي وڏي وزير مراد عليشاهه سنڌ ۾ 6000 نوان استاد مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏيندي 2 مارچ تائين بند پيل اسڪول کولڻ سميت استادن جي بدلين تي به پابندي هڻي ڇڏي آهي

Cm-Murad-Ali-Shah-Sindh-28117

سنڌ جي وڏي وزير مراد عليشاهه سنڌ ۾ 6000 نوان استاد مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏيندي 2 مارچ تائين بند پيل اسڪول کولڻ سميت استادن جي بدلين تي به پابندي هڻي ڇڏي آهي.

سنڌ جي وڏي وزير سنڌ جي تعليم کاتي ۾ استادن جون 26 هزار جايون خالي هجڻ جي بريفنگ تي 6 هزار استاد فوري طور ڀرتي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.

ڪراچيءَ ۾ تعليم بابت اعليٰ سطحي اجلاس جي وڏي وزير صدارت ڪئي، اجلاس دوران تعليمي کاتي جي عملدارن وڏي وزير کي آگاهي ڏني ته سنڌ جي تعليم کاتي اندر استادن جون 26 هزار جايون خالي پيل آهن، وڏي وزير موقعي تي ئي 6 هزار نوان استاد ترت ڀرتي ڪرڻ جي منظوري ڏني.

اجلاس ۾ ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته بند پيل اسڪول کولرائي سنڌ اندر تعليمي سرگرمين کي اوج وٺرايو ويندو.

وڏي وزير هدايت ڪئي ته نوان استاد ميرٽ جي بنياد تي ڀرتي ڪيا وڃن ۽ ميرٽ کي هر حال ۾ يقيني بڻايو وڃي.

وڏي وزير تعليم کاتي کي هدايت ڪئي ته 2 مارچ تائين بند پيل اسڪول کوليا وڃن.

وڏي وزير سنڌ ۾ استادن جي بدلين تي به پابندي لاڳو ڪندي چيو ته هو چاهي ٿو ته سنڌ جي تعليم جو نظام بهتر ٿئي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*