سنڌ هاءِ ڪورٽ ايس ايم لا ڪاليج ۾ ٻٽَي امتحاني نظام بابت درخواست تي ڪراچي يونيورسٽي جي امتحاني پاليسي بابت 21 فيبروري تائين تفصيلي جواب طلب ڪري ورتو آهي

Sindh-high-Court-7217

سنڌ هاءِ ڪورٽ ايس ايم لا ڪاليج ۾ ٻٽَي امتحاني نظام بابت درخواست تي ڪراچي يونيورسٽي جي امتحاني پاليسي بابت 21 فيبروري تائين تفصيلي جواب طلب ڪري ورتو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ بلاول منگي، اظهر چنا، وقاص ۽ فاروق تنولي سميت ايس ايم لا ڪاليج جي 35 شاگردن جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران ڪراچي يونيورسٽي جو وڪيل به پيش ٿيو.

شاگردن پنهنجي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته ايس ايم لا ڪاليج جي شاگردن کي 50 سيڪڙو کان گهٽ مارڪس کڻڻ تي اڳئين درجي ۾ ترقي نٿي ڏني وڃي ۽ سيڪنڊ ايئر جي شاگردن کي ضمني امتحان جي سهولت به نٿي ڏني وڃي.

درخواستگذارن وڌيڪ موقف اختيار ڪيو ته ڪراچي يونيورسٽي جي شاگردن کي 45 سيڪڙو مارڪس کڻڻ تي اڳئين درجي ۾ ترقي ڏني ويندي آهي، انتظاميا جي ٻٽَي معيار سبب قيمتي تعليمي سال ضايع ٿي رهيا آهن.

درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته 2013ع کان تعليم حاصل ڪندڙ شاگرد اڃا تائين سيڪنڊ ايئر ۾ پڙهي رهيا آهن، يونيورسٽي مان ٻٽو معيار ختم ڪرائي شاگردن جو مستقبل بچايو وڃي.

ڪراچي يونيورسٽي جي وڪيل عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته ايس ايم لا ڪاليج جا امتحان فيبروري ۾ ممڪن نه آهن، جيڪي مارچ ۾ ئي ٿيندا، جواب جمع ڪرائڻ لاءِ وڌيڪ وقت ڏنو وڃي.

عدالت ڪراچي يونيورسٽي جي وڪيل کي ٻن هفتن جي مهلت ڏيندي 21 فيبروري تي امتحاني پاليسي بابت تفصيلي جواب طلب ڪري ورتو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*