سنڌ هاءِ ڪورٽ ايم ڪيو ايم جي چئن لاپتا عهديدارن جي بازيابي لاءِ درخواست تي آءِ جي سنڌ ۽ ڊي جي رينجرز کي نوٽيس جاري ڪندي ٻن هفتن اندر رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي

Sindh-high-Court-7217

سنڌ هاءِ ڪورٽ ايم ڪيو ايم جي چئن لاپتا عهديدارن جي بازيابي لاءِ درخواست تي آءِ جي سنڌ ۽ ڊي جي رينجرز کي نوٽيس جاري ڪندي ٻن هفتن اندر رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

ايم ڪيو ايم جي عهديدارن عادل، عابد، آصف ۽ اسلم علي جي گمشدگي بابت سندن وارثن جي درخواست تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته گم ٿيل ماڻهن ۾ ٻه جوائنٽ سيڪٽر انچارجز ۽ 2 يونٽ انچارج شامل آهن، جيڪي گذريل هڪ مهيني کان غائب آهن پر کين ڪنهن به عدالت ۾ پيش نه ڪيو ويو آهي ۽ نه ئي الزام ٻڌايو ويو آهي.

عدالت اهڙي درخواست تي آءِ جي سنڌ ۽ ڊي جي رينجرز سنڌ کي نوٽيس جاري ڪندي ٻن هفتن ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*