حافظ آباد ويجهو ڊمپر جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ 2 ڀينرون فوت ٿي ويون

hafizAbadmap02-9

 حافظ آباد ويجهو ڊمپر جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ 2 ڀينرون فوت ٿي ويون، سندن والد ۽ والده زخمي ٿي پيا، پوليس ڊمپر ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

ريسڪيو عملدارن موجب سکيڪي برانچ پل وٽ ڊمپر جو سامهون ايندڙ موٽرسائيڪل سان ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 7 سالن جي نينگري عائشه بيبي ۽ 5 سالن جي ايمن بيبي فوت ٿي ويون آهن.

ريسڪيو عملدارن موجب حادثي جي نتيجي ۾ غلام حسين ۽ سندس گهرواري عنصر بيبي زخمي ٿي پيا، جن کي حافظ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ڊرائيور صدي عباس کي گرفتار ڪري ڊمپر کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو……………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*