سنڌ هاءِ ڪورٽ ايڊيشنل ڊائريڪٽر ڪي ڊي ايجميل بلوچ کي تحفظ فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

Sindh-high-court-18816

سنڌ هاءِ ڪورٽ ايڊيشنل ڊائريڪٽر ڪي ڊي ايجميل بلوچ کي تحفظ فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ڪي ڊي اي ڊائريڪٽر جي اينٽي ڪرپشن تي ڌمڪين ۽ بليڪ ميل ڪرڻ وارن الزامن تي چيف جسٽس سجاد علي شاهه ايڊووڪيٽ جنرل کي مخاطب ٿيندي چيو آهي ته ايڊووڪيٽ جنرل صاحب ٻڌايو ته هِي ڇا ٿي رهيو آهي، اوهان حڪومت ۾ آهيو، پوءِ چئو ٿا ته چيف جسٽس اسان جي پٺيان پئجي ويو آهي.

چيف جسٽس، جسٽس سجاد علي شاهه جي سربراهيءَ ۾ بئنچ گلستان جوهر جي اسڪيم 36 تي قبضي واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران ڪي ڊي اي ڊپٽي ڊائريڪٽر جميل بلوچ پيش ٿي چيو ته عدالتن ۾ ڪيسن جي پيروي تي کيس اينٽي ڪرپشن وارا ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن.

چيف جسٽس ڪي ڊي اي ڊپٽي ڊائريڪٽر کي ڌمڪين تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کي مخاطب ٿيندي چيو ته ٻڌايو اوهان جي حڪومت ۾ ڇا ٿي رهيو آهي، پوءِ چئو ٿا ته چيف جسٽس اسان جي پٺيان پئجي ويو آهي.

عدالت پاران فوري طلب ڪرڻ تي اينٽي ڪرپشن جو چيئرمين غلام قادر ٿيٻو ۽ ڊي آءِ جي اوڀر عارف حنيف پيش ٿيا.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ڪي ايم سي، ڪي ڊي اي ۽ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي پئسا ٺاهڻ جون مشينون آهن، سرڪاري زمين تي وڏيون وڏيون عمارتون ٺهي وڃن ٿيون، ڪنهن کي احساس ئي نه آهي.

عدالت ڪي ڊي اي جَي ايڊيشنل ڊائريڪٽر جميل بلوچ کي تحفظ فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته ڪي ڊي اي آفيسرن جا هٿ به صاف نه آهن، جن به ماڻهن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي، ان تي عمل ڪيو وڃي.

عدالت ڪيس جي ٻڌڻي پهرين مارچ تائين ملتوي ڪندي چيئرمين اينٽي ڪرپشن کان گلستان جوهر جي اسڪيم 36 جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*