سنڌ ۾ صلاحڪار ۽ خاص معاون ڊي نوٽيفاءِ ٿيڻ کانپوءِ وفاقي صلاحڪارن ۽ خاص معاونن کي کاتا ڏيڻ خلاف به سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي

Sindh-High-Court-171016

سنڌ ۾ صلاحڪار ۽ خاص معاون ڊي نوٽيفاءِ ٿيڻ کانپوءِ وفاقي صلاحڪارن ۽ خاص معاونن کي کاتا ڏيڻ خلاف به سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي، درخواست ۾ سرتاج عزيز، امير مقام ۽ طارق فاطمي سميت چئن مشيرن ۽ 9 خاص معاونن کي ڌر بڻايو ويو.

مولوي اقبال حيدر ۽ ٻين پاران سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪرايل آئيني درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته اڻ چونڊيل ماڻهن کي وزارت ڏيڻ غير آئيني آهي، صلاحڪارن ۽ خاص معاونن کي نه کاتا ڏئي سگهجن ٿا ۽ نه ئي اهي وزير جا اختيار استعمال ڪري سگهن ٿا.

درخواستگذار ۾ سرتاج عزيز، امير مقام، ڄام معشوق، طارق فاطمي سميت چئن صلاحڪارن ۽ 9 خاص معاونن کي ڌر بڻايو ويو آهي، آئين تحت ميمبرن جي ٽوٽل تعداد مان 11 سيڪڙو صلاحڪار مقرر ڪري سگهجن ٿا، جيڪو تعداد 5 ٿئي ٿو.

واضح رهي ته مولوي اقبال حيدر جي ئي درخواست تي سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ ۾ مقرر صلاحڪارن ۽ خاص معاونن کي به هٽائڻ جو حڪم ڏنو هو، جن کي ڊي نوٽيفاءِ ڪيو ويو آهي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*