جعميت علماءَ اسلام ف جي سربراهه مولانافضل الرحمان چيو آهي

molana

جعميت علماءَ اسلام ف جي سربراهه مولانافضل الرحمان چيو آهي ته پاناما ڪيس جو فيصلو عدالت کي ڪرڻو آهي پر ڪجهه ماڻهو جلسا ڪري عدالت تي دٻاءَ وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.

فيصل آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانافضل الرحمان چيو ته تحريڪ انصاف ڪنهن به هڪ موقف تي ناهي بيهندي، ڪڏهن چئي ٿي ته ڪميشن نه ٺهيو ته روڊن تي هونداسين هاڻي وري چيو وڃي ٿو ته ڪميشن ٺهي ته هو بائيڪاٽ ڪندا.

هن چيو ته ملڪ ۾ اليڪشن وقت کان اڳ ٿيڻ جا حالات ناهن ۽ نه ئي پيدا ٿيندا.

مولانافضل الرحمان چيو ته قومي اسيمبلي ۾ ٿيل جهيڙو غلط عمل آهي، هن قسم جا حرڪت اسيمبلي ٻاهر به نظر اچي رهيا آهن.

مولانافضل الرحمان هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته هر جگهه جو پنهنجو ٽرمپ هوندو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*