ڪنڊيارو ۾ محبت جتوئي واسي پيپلز پارٽي جي ڪارڪن زمين تي قبضي خلاف احتجاج ڪندي انصاف جو مطالبو ڪيو آهي

kandiaro

ڪنڊيارو ۾ محبت جتوئي واسي پيپلز پارٽي جي ڪارڪن زمين تي قبضي خلاف احتجاج ڪندي انصاف جو مطالبو ڪيو آهي.

محبت جتوئي واسي پ پ ڪارڪن لائق ڀٽو پنهنجي زمين تي بااثر ماڻهن جي مبينا قبضي خلاف ڀٽو برادري جي ماڻهن ۽ پ پ  ڪارڪنن سان گڏجي احتجاج ڪيو.

مظاهرين جو چوڻ هو ته علائقي جي بااثر ماڻهن هٿياربند ويهاري سندن زرعي زمين تي قبضو ڪيو آهي.

هنن چيو ته بااثر ماڻهو جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، جنهن جو نوٽيس ورتو وڃي.

هنن مطالبو ڪيو ته زمين تان قبضو ڇڏرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*