نوابشاه ۾ ينگ ڊاڪٽر ايسو سي ايشن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

nawabshah young dr pro

نوابشاه ۾ ينگ ڊاڪٽر ايسو سي ايشن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

پيپلزميڊيڪل يونيورسٽي اسپتال جي ڊاڪٽرن  احمد علي، اقرار ڪانهر، فهد جتوئي جي اڳواڻيءَ ۾ ٽراما سينٽر کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي نعريبازي ڪئي.

احتجاج ڪندڙ ڊاڪٽرن چيو ته سنڌ حڪومت پوسٽ  گريجوئيٽ ڊاڪٽرن جي پگهار 65 هزار روپيا مقرر ڪئي آهي پر ڇهه مهينا گذرڻ باوجود کين  42 هزار روپيا پگهار ڏني پئي وڃي.

سندن چوڻ هو ته ڪجهه پوسٽ  گريجوئيٽ ڊاڪٽر هڪ سال کان بغير پگهار يا اڌ پگهار تي ڪم ڪري رهيا آهن.

سندن وڌيڪ چوڻ هو  ته اسپتال ۾ پوسٽ  گريجوئيٽ ڊاڪٽرن جون 110 پوسٽون آهن پر هن 90 ڊاڪٽر ڪم ڪري رهيا آهن.

 هنن چيو ته سندن  مطالبا پورا ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*