نوابشاهه ۾ ايڪسائز پوليس ٽرڪ تي ڇاپو هڻي 40 ڪلو چرس هٿ ڪري ڊرائيور ۽ ڪلينر کي گرفتار ڪري ورتو

nawabshah

نوابشاهه ۾ ايڪسائز پوليس  ٽرڪ تي ڇاپو  هڻي  40 ڪلو چرس هٿ ڪري ڊرائيور ۽ ڪلينر کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس جو چوڻ آهي ته هٿ آيل چرس جي ماليت 2 ڪروڙ رپيا آهي.

 ڊائريڪٽر ايڪسائز اينڊ ٽيڪسيشن شهيد بينظير آباد ڊويزن عبدالرزاق راڌڻ پنهنجي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڳجهي اطلاع ملڻ تي ايڪسائز پوليس نوابشاهه ويجهو نيشنل هاءِ تي پشارو کان ڪراچي ويندڙ ٽرڪ کي روڪيو.

هن  چيو ته ايڪسائز پوليس  ٽرڪ جي ڳجهن خانن مان 40 ڪلو چرس هٿ ڪري ڊرائيور مير افضل ۽ ڪلينر شاهه جي کي گرفتار ڪري ورتو.

سندس چوڻ هو ته  ٻئي جوابدار خيبر پختو خواه جي علائقي لنڊي ڪوتل جا رهواسي آهن جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو آهي.

هن چيو ته هٿ آيل چرس جي قيمت 2 ڪروڙ رپيا آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*