پاڻيءَ جي فراهمي ۽ نيڪال بابت جسٽس اقبال احمد ڪلهوڙو جي سربراهيءَ ۾ قائم ڪيل عدالتي ڪميشن ميرپور خاص ۾ ۽ عمر ڪوٽ جو دورو ڪيو

umer kot justice

پاڻيءَ جي فراهمي ۽ نيڪال بابت جسٽس اقبال احمد ڪلهوڙو جي سربراهيءَ ۾ قائم ڪيل  عدالتي ڪميشن ميرپور خاص ۾ ۽ عمر ڪوٽ  جو دورو ڪيو،  شهرين ڪميشن کي شڪايت ڪئي ته ميرپور خاص جي 80 سيڪڙو آبادي خراب پاڻي پيئڻ تي مجبور آهي.

پاڻيءَ جي فراهمي ۽ نيڪال بابت جسٽس اقبال احمد ڪلهوڙو جي سربراهيءَ ۾ قائم ڪيل  عدالتي ڪميشن ميرپور خاص ۾ ڪورٽ ڪامپليڪس ۾ شهرين ۽ عملدارن سان گڏجاڻي ڪئي.

شهرين  ڪميشن آڏو شڪايت ڪئي ته 80 سيڪڙو آبادي گندو پاڻي واپرائڻ تي مجبور آهي.

ڪميشن عملدارن کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا شهرين کي فراهم ٿيندڙ پاڻيءَ ۾ ڪلورين جو گهربل مقدار وڌو ويندو آهي، ان تي عملدارن ڪميشن کي ٻڌايو ته  ڪالهه ڪلورين گهرائي وئي آهي.

عدالتي ڪميشن عملدارن ڪلورين جو بل طلب ڪيو پر عملدار بل پيش نه ڪري سگهيا، جنهن تي  ڪميشن پاران ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو.

عملدارن ڪميشن کي ٻڌايو ته بل ادا نه ڪرڻ سبب واٽر فلٽر پلانٽ جي بجلي ڪٽيل آهي، جنهن تي ڪميشن واٽر فلٽر پلانٽ جي بجلي بحال ڪرائي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

ڪميشن سول اسپتال آڏو گندگي جي ڍيرن تي ڪاوڙ جو اظهار جو اظهار ڪندي ان کي فوري طور هٽائڻ جو حڪم ڏنو.

جسٽس اقبال احمد ڪلهوڙو جي سربراهي ۾ عدالتي ڪميشن  عمرڪوٽ ۾ واٽر سپلائي جي تلائن، فلٽر پلانٽ ۽ سيوريج نظام جو دورو ڪيو ۽ تلائن ۾ غير معياري پاڻي هجڻ ڪري سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي پِٽيشنر شهاب اوستو چيو ته  حيرت جي ڳالهـه آهي ته عوام کي پيئڻ جو صاف پاڻي بـه فراهم نـه پيو ڪيو وڃي.

هن چيو ته  سڄي سنڌ جيان عمرڪوٽ جي حالت بـه خراب آهي عوام کي چوٽياريون ڊيم جو زهريلو پاڻي پيارو پيو وڃي جنهن سبب  ماڻهو بيمارين ۾ وڪوڙجي موت جو شڪار ٿي رهيا آهن پر ڪوبـه حڪومتي نمائندو نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ناهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*