خيرپور، گمبٽ ۽ سيٺارجا ۾ ايس يو پي پاران ڪرپشن ۽ دهشتگردي خلاف ريليون ڪڍيون ويون

khairpur sup really

خيرپور، گمبٽ ۽ سيٺارجا ۾ ايس يو پي پاران ڪرپشن ۽ دهشتگردي خلاف ريليون ڪڍيون ويون، اڳواڻن چيو آهي ته پ پ حڪومت 8 سالن دوران سنڌ ۾ ڪرپشن جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن.

خيرپور ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽيءَ پاران سيد زين شاهه ۽ فياض خميساڻي جي اڳواڻيءَ ۾ ڀرڳڙي ريگيوليٽر پل کان پنجگلا چوڪ تائين ريلي ڪڍي وئي.

سيٺارجا ۾ مين بس اسٽاپ کان سائين جي ايم سيد چوڪ تائين ريلي ڪڍي وئي.

ريلين کي خطاب ڪندي سيد زين شاهه ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته پ پ حڪومت 8 سالن جي عرصي دوران ڪرپشن جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن.

هنن چيو ته حڪمرانن جي ڪرپشن سبب پرڏيهه ۾ ملڪ جو تصور سخت متاثر ٿيو آهي ۽ قوم جا ڪنڌ شرم وچان جهڪي ويا آهن.

هنن چيو ته لساني، مذهبي دهشتگردي ۽ ڪرپشن خلاف ڪراچيءَ ۾ 26 فيبروريءَ تي ايس يو پي طرفان اعلانيل جلسي ۾ سنڌ جو عوام وڌ کان وڌ شرڪت ڪري قومي ٻڌي جو ثبوت ڏئي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*