سيتا روڊ ۾ بجليءَ جو ٽرانسفارمر هڪ کان ٻئي هنڌ منتقل ڪرڻ جي ڪوشش دوران نوجوان 11 هزار وولٽ جي بجلي تارن مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو آهي

seeta road

سيتا روڊ ۾ بجليءَ جو ٽرانسفارمر هڪ کان ٻئي هنڌ منتقل ڪرڻ جي ڪوشش دوران نوجوان 11 هزار وولٽ جي بجلي تارن مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو آهي.

حادثو ڇڙائي-پيسائي جي هڪ ڪارخاني ۾ ان وقت پيش آيو، جڏهن ڪارخاني مالڪ ٽرانسفارمر شفٽ ڪرائڻ لاءِ پرائيويٽ لائين مين سان رابطو ڪيو.

نوجوان مدثر ڪارخانيدار جو ٽرانسفارمر شفٽ ڪرائي رهيو هو ته اوچتو بجلي اچڻ سبب ڪرنٽ لڳڻ جي نتيجي ۾ موقعي تي ئي فوت ٿي ويو.

وارثن حيسڪو خلاف احتجاج ڪندي چيو آهي ته اطلاع ڏئي بجلي بند ڪرائي وئي هئي تنهن باوجود وقت کان اڳي بجلي ڏئي، اسان سان ظلم ڪيو ويو آهي.

حادثي کانپوءِ بجلي بند ڪرائي نوجوان مدثر جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال پهچايو ويو…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*