ٺاروشاهه ٽائون ڪاميٽي جي ملازمن ٽن مهينن جون پگهارون نه ملڻ ۽ پڪو نه ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي

tharushah safai

ٺاروشاهه ٽائون ڪاميٽي جي ملازمن ٽن مهينن جون پگهارون نه ملڻ ۽ پڪو نه ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي.

ملازمن حبيب الله پيرزادو، لالو شيخ، جاويد شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٻئي ڏينهن به ٽائون ڪميٽي جي آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي.

احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته ٽي ايم او ڀريا روڊ ٽن مهينن کان پگهارون بند ڪري ڇڏيون آهن، جنهن ڪري سندن ٻچا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن.

هنن چيو ته سالن کان ڪم ڪندڙ ملازمن کي پڪو ڪرڻ بدران سندن پگهارون بند ڪيون ويون آهن، جيڪا سراسر ناانصافي آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته کين پڪو ڪري پگهارون ڏنيون وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*