ڪراچي ۾ مسافر بس ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ ٽن عورتن سميت 4 ڄڻا فوت ۽ 10 زخمي ٿي پيا

Karachi-Bus-Accident-9217

ڪراچي ۾ مسافر بس ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ ٽن عورتن سميت 4 ڄڻا فوت ۽ 10 زخمي ٿي پيا، پوليس موجب تيز رفتار بس ڪلٽي ٿيڻ بعد هڪ واٽهڙو مٿان چڙهي وئي، زخمين مان ڪجهه جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

گلشن اقبال ۾ يونيورسٽي روڊ تي بيت المڪرم مسجد وٽ مسافر بس ڪلٽي ٿيڻ بعد بس اسٽاپ تي بيٺل ماڻهن مٿان چڙهي وئي جنهن جي نتيجي ۾ هڪ واٽهڙو سميت 3 عورتون فوت ٿي ويون ۽ 10 ڄڻا زخمي ٿي ويا..

فوتين جا لاش ۽ زخمين کي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جتي چئن زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*