خانپور مهر ۾ پوليس سرچ آپريشن ڪري 10 شڪي جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو

خانپور مهر ڀرسان گهوٽڪي ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس آپريشن ڪري 10 شڪي جوابدارن کي گرفتاري ڪري ڪيترائي ڍور ڍڪ حوالي ڪري ڇڏيا، پوليس موجب ڪارروائي ڏوهارين جي موجودگي جَي اطلاع تي ڪئي وئي.

خانپور مهر جي پير بري ۽ سُهانجهڙو واري علائقي ۾ گهوٽڪي ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس سرچ آپريشن ڪيو، جنهن دوران 10 شڪي جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ 40 کان وڌيڪ ڍور ڍڪ حوالي ڪيا ويا.

پوليس موجب، ڪارروائي ڏوهارين جي موجودگي واري اطلاع تي ڪئي وئي.

ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته پوليس ناحق ڳوٺن تي چڙهائي ڪئي، ملوث اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪري گرفتار ڳوٺاڻن کي آزاد ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*