نوشهرو فيروز پوليس هڪ ڦورو کي مبينه مقابلي ۾ مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي

nfroze

نوشهرو فيروز پوليس هڪ ڦورو کي مبينه مقابلي ۾ مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

نوشهرو فيروز پوليس موجب روهڙي ڪئنال ويجهو ڦورن جو ٽولو ڏوهه جي ارادي سان بيٺو هو ته پوليس کي ڏسي ڦورن فائرنگ ڪئي.

پوليس موجب جوابي فائرنگ ۾ هڪ ڦورو مارجي ويو، جنهن جي سڃاڻپ غلام فريد رند جي نالي سان ٿي آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل ڦورو جي قبضي مان هڪ پسٽل ۽ گوليون هٿ ڪيون ويون آهن.

مارجي ويل ڦورو جو لاش سول اسپتال نوشهرو فيروز ۾ پيل آهي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*