صوبائي وزير منظور وساڻ چيو آهي ته پنجاب ۾ رستا روڪيندڙن کي اسان به هتي اچڻ نه ڏينداسين

manzor wasan

صوبائي وزير منظور وساڻ چيو آهي ته پنجاب ۾ رستا روڪيندڙن کي اسان به هتي اچڻ نه ڏينداسين، ڪجهه ماڻهو پنجاب ۾ پارٽي اڳواڻن تي حملا ڪري رهيا آهن، شهباز شريف کي شوڪت بسرا تي حملو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪرڻ گهرجي، عمران خان جي ٽئين شادي اليڪشن کان اڳ ٿيندي.

صوبائي وزير منظور وساڻ ڪراچي جي هڪ خانگي اسوتال ۾ داخل پنجاب ۾ هٿياربندن جي حملي ۾زخمي ٿيل پ پ اڳواڻ شوڪت بسرا جي عيادت ڪئي.

عيادت دوران منظور وساڻ شوڪت بسرا کي چيو ته هو سندس لاءِ به خواب ڏسندو آهي.

منظور وساڻ شوڪت بسرا تي حملي جي مذمت ڪندي چيو ته، پنجاب ۾ پ پ جي رستا روڪ ڪئي پئي وڃي، جيڪڏهن اهڙو سلسلو جاري رهيو ته هو به رستا روڪيندڙ کي هتي اچڻ نه ڏيندا.

منظور وساڻ چيو ته پنجاب ۾ اسان خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن، شهباز شريف شوڪت بسرا تي حملو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري.

منظور وساڻ چيو ته بلاول ڀٽو زرداري پنجاب جتي ريلي ختم ڪئي هئي اتان ٻيهر شروع ڪئي ويندي.

منظور وساڻ عمران خان جي شادي بابت اڳڪٿي ڪندي چيو ته عمران خان جي ٽئين شادي عام چونڊن کان اڳ ئي ٿي ويندي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*