سپريم ڪورٽ ۾ سنڌ جي 10 آفيسرن جي غيرقانوني ترقين خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي

Supreme-Court-13716

سپريم ڪورٽ ۾ سنڌ جي 10 آفيسرن جي غيرقانوني ترقين خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، عدالت 20 هين گريڊ جي آفيسر عبدالوهاب، عبدالرشيد سولنگي، حميد مرچي والا ۽ سيد علي کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

     جسٽس امير هاني مسلم جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ آفيسرن جي غيرقانوني ترقين بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

عدالت ڪيس جي ٻڌڻي دوران 19 هين گريڊ جي آفيسر قطب الدين، وحيد احمد، نويد اعواڻ، مصطفيٰ اعواڻ ۽ بخش علي کي به نوٽيس جاري ڪيا آهن.

عدالت رمارڪس ۾ چيو ته 20 سال پهرين ترقيون حاصل ڪندڙن کي واپس موڪلڻ بدقسمتي هوندي، عدالتي حڪم باوجود آفيسر عهدن تي ڇو برقرار آهن.

جسٽس امير هاني مسلم رمارڪس ۾ چيو ته آفيسر چاهين ته رٽائرمينٽ وٺي سگهن ٿا، ڇاڪاڻ ته عدالتي فيصلو رٽائرڊ ۽ مري ويندڙن تي لاڳو نه ٿيندو آهي.

عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 22 فيبروري تائين ملتوي ڪندي ڄاڻايل آفيسرن جا پروفائيل طلب ڪري ورتا آهن ……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*