ڳڙهي ياسين پوليس رٽائر بينڪ آفيسر جي گهر ۾ 60 لک رپين جو ڌاڙو هڻندڙ ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي

garhi yasin

ڳڙهي ياسين پوليس رٽائر بينڪ آفيسر جي گهر ۾ 60 لک رپين جو ڌاڙو هڻندڙ ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

اي ايس پي شڪارپور ڪليم الله پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڳڙهي ياسين پوليس ڪارروائي ڪري ڌاڙي جي ڪيس ۾ گهربل ٻن جوابدارن عاشق علي چنو ۽ ناصر مغل کي گرفتار ڪيو آهي.

اي ايس پي موجب جوابدارن هڪ سال اڳ ڳڙهي ياسين ۾ رٽائرڊ بئنڪ آفيسر محمد عمر جمالي جي گھر مان 60 لک رپين جو ڌاڙو هنيو هو.

اي ايس ٻڌايو ته گرفتار ڪيل جوابدارن وٽان 2 ٽي ٽي پسٽل ۽ هڪ سونو هار پڻ هٿ ڪيو ويو آهي…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*