هنڱورجا ويجهو پراسرار نموني گم ٿيل جونواجن جو پتو نه پيو

hingorja

هنڱورجا ويجهو پراسرار نموني گم ٿيل جونواجن جو پتو نه پيو، وارثن اغوا جو شڪ ظاهر ڪندي پوليس کي ڳولا ۾ مدد ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.

ڳوٺ سمون چنا جو رهواسي نوجوان شفيق احمد چنو گذريل 6 ڏينهن کان پراسرار نموني گم ٿي ويو آهي.

وارثن جو چوڻ آهي ته نوجوان جي تمام گهڻي ڳولا ڪئي آهي، پر سندس ڪو به ڏس پتو پئجي نه سگهيو آهي.

نوجوان جي ڀاءُ محمد ابراهيم چنو ٻڌايو  ته سندس ڀاءِ 6 ڏينهن اڳ گهران نڪتو، جيڪو اڃا تائين واپس ناهي آيو.

هن خدشو ڏيکاريو ته سندس ڀاءُ کي اغوا ڪيو ويو آهي، پوليس ۽ ٻيون اعليٰ اختياريون ڳولا ۾ مدد ڪن….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*