هالا ويجهو 5 معصوم ٻارڙن کي قتل ڪندڙ وحشي جوابدار مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو

هالا ويجهو پنهنجي 5 معصوم ٻارڙن کي قتل ڪندڙ وحشي جوابدار علي نواز لغاري ٽنڊي الهيار ڀرسان گرفتاري جي ٻن ڪلاڪن اندر مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار هڪ اهلڪار کان ڪلاشنڪوف کسڻ جي ڪوشش ڪئي ته فائرنگ ۾ مارجي ويو.

ڳوٺ ڌڱاڻو ۾ ڪجهه وقت اڳ جوابدار علي نواز لغاري پنهنجي 5 معصوم ٻارڙن کي گهٽا ڏئي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو هو.

پوليس ٽنڊو الهيار ۾ جوابدار جي موجودگي واري ڳجهي اطلاع تي ڇاپو هڻي کيس گرفتار ڪيو هو.

جوابدار هالا ٿاڻي تي منتقل ڪيو پئي ويو ته مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو.

هالا پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار ڀيل موري وٽان پوليس اهلڪار کان ڪلاشنڪوف کسي فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ته مٿس فائرنگ ڪئي وئي، جنهن ۾ هو مارجي ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*