حيدرآباد جي احتساب عدالت ڪراچيءَ مان نيب هٿان 12 ڪروڙ پين جي گهپلن جي الزام هيٺ گرفتار مانجهند تعلقي جي ٻن ايڊمنسٽريٽرن ۽ ٻن اڪائونٽنٽس کي ست ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي

ATC-HYD-13117

حيدرآباد جي احتساب عدالت ڪراچيءَ مان نيب هٿان 12 ڪروڙ پين جي گهپلن جي الزام هيٺ گرفتار مانجهند تعلقي جي ٻن ايڊمنسٽريٽرن ۽ ٻن اڪائونٽنٽس کي ست ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

نيب ڪراچيءَ مان گرفتار ڪيل مانجهند تعلقي جي ٻن اڳوڻن ايڊمنسٽريٽرن ۽ ٻن اڪائونٽنٽس کي حيدرآباد جي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو.

احتساب عدالت مانجهند تعلقي جي ٻن اڳوڻن ايڊمنسٽريٽرن مظفر ڪٽپر ۽ عابد ولي کوسو ۽ اڪائونٽنٽس مرزا قربان بيگ ۽ پرويز کي ست ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو.

نيب هٿان گرفتار چئني ملازمن تي 12 ڪروڙ رپين جي ڪرپشن جو الزام آهي..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*