سنڌ جي مقدس آڳاٽي ماڳ موهن جو دڙو تي عالمي ڪانفرنس ۾ مختلف ملڪن مان پهتل 33 پرڏيهي ۽ ڪيترائي ڏيهي اسڪالرز پنهنجا مقالا پيش ڪيا

cm moin jo daro

سنڌ جي مقدس آڳاٽي ماڳ موهن جو دڙو تي عالمي ڪانفرنس ۾ مختلف ملڪن مان پهتل 33 پرڏيهي ۽ ڪيترائي ڏيهي اسڪالرز پنهنجا مقالا پيش ڪيا، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي ڪوششن سان موهن جو دڙو عالمي ثقافتي ورثي ۾ شامل ٿيو، سندس حڪومت پاران تاريخي ماڳ کي محفوظ بڻائڻ ۽ عالمي سطح تي اجاڳر ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪيون وينديون.

موهن جو دڙو تي ٽن ڏهاڙن واري عالمي ڪانفرنس جاري آهي، جنهن ۾ مختلف ملڪن جا 33 پرڏيهي ۽ ڪيترائي ڏيهي اسڪالر شريڪ آهن، جيڪي پنهنجا مقالا پيش ڪري رهيا آهن.

عالمي ڪانفرنس جو افتتاح سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ڪيو، افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي مراد علي شاهه چيو ته موهن جو دڙو سنڌ ۽ ملڪ جي ثقافتي سڃاڻپ آهي، جنهن کي عالمي سطح تي اجاڳر ڪرڻ لاءِ سندس حڪومت گهربل سمورا وسيلا ڪتب آڻي رهي آهي.

هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ڪوششن سان ئي موهن جي دڙي کي عالمي ثقافتي ورثي ۾ شامل ڪيو ويو.

سيد مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته اسڪالرز جيڪي تجويزون پيش ڪندا، انهن جي آڌار تي موهن جي دڙي جي ترقي لاءِ حڪومت قدم کڻندي.

ان کان اڳ وڏي وزير موهن جي دڙي تي هڪ وڻ به پوکيو ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي يادگار تي حاضري پڻ ڀري، وڏي وزير موهن جي دڙي جي سرڪاري ويب سائيٽ جو به افتتاح ڪيو.

عالمي ڪانفرنس کي يونيسڪو جي ڪنٽري هيڊ ايف ڪي جانسن سميت ٻين خطاب ڪيو.

موهن جي دڙي تي جاري عالمي ڪانفرنس جو پهريون سيشن مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ٻئي سيشن جي ڪارروائي جاري آهي.

ڪانفرنس ۾ سڄي سنڌ جو ادبي ۽ علمي لڏو به موجود آهي، جڏهن ته سرڪاري مشنري به وڏي انگ ۾ موهن جي دڙي تي پهتل آهي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*