اسلام آباد جي عدالت ۾ نينگري طيبه تشدد ڪيس جي ٻڌڻي دوران سندس والد اعظم، جج راجا خرم ۽ ان جي گهر واري کي معاف ڪري ڇڏيو

Tayba--Case-31117

اسلام آباد جي عدالت ۾ نينگري طيبه تشدد ڪيس جي ٻڌڻي دوران سندس والد اعظم، جج راجا خرم ۽ ان جي گهر واري کي معاف ڪري ڇڏيو.

ايڊيشنل سيشن جج راجا آصف محمود جي عدالت ۾ نينگري طيبه تشدد ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جتي سندس والد اعظم ڪيس تان هٿ کڻڻ جو بيان رڪارڊ ڪرايو.

نينگري جي والد اعظم عدالت ۾ بيان رڪارڊ ڪرائيندي چيو ته هو جج راجا خرم ۽ سندس گهر واري کي معاف ڪري رهيو آهي.

عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌڻي دوران جج نينگري طيبه جي والد اعظم کان سوال ڪيو ته اوهان تي ڪيس جي حوالي سان ڪو دٻاءُ ته نه آهي.

نينگري طيبه جي والد اعظم عدالت کي ٻڌايو ته ڪيس جي حوالي سان مٿس ڪو به دٻاءَ ناهي، هو پنهنجي مرضي سان جج راجا خرم ۽ سندس گهرواري کي معاف ڪري رهيو آهي……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*