سنڌ سرڪار سنڌ اسيمبلي ۽ سنڌ سيڪريٽريٽ جي آفيسرن توڙي ملازمن کي ملندڙ يوٽيلٽي الائونس ٻيڻو ڪري ڇڏيو آهي

Sindh-Assembly-29716

سنڌ سرڪار سنڌ اسيمبلي ۽ سنڌ سيڪريٽريٽ جي آفيسرن توڙي ملازمن کي ملندڙ يوٽيلٽي الائونس ٻيڻو ڪري ڇڏيو آهي.

ايس اين جي ڊي مان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب سنڌ سيڪريٽريٽ ۽ سنڌ اسيمبلي جي ملازمن توڙي آفيسرن جو يوٽيلٽي الائونس وڌايو ويو آهي.

نوٽيفڪيشن موجب گريڊ هڪ کان گريڊ 8 تائين جي ملازمن جي الائونس ۾ 2 هزار رپيا واڌ ڪئي وئي آهي، جن کي هاڻي ماهوار 4 هزار رپيا ملندا.

نوٽيفڪيشن ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته گريڊ 9 کان گريڊ 15 تائين جي ملازمن کي هاڻي ماهوار 3 هزار بدران 6 هزار رپيا ملندا، جڏهن ته ويهين کان 22هين گريڊ جي آفيسرن جو ماهوار الائونس 40 هزار رپين مان وڌائي 60 هزار رپيا ڪيو ويو آهي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*