پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير خواجه آصف چيو آهي ته صوبن ۾ بجلي چوري واري معاملي تي ڪو به تڪرار نه آهي

khuwaja-asif-16716

پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير خواجه آصف چيو آهي ته صوبن ۾ بجلي چوري واري معاملي تي ڪو به تڪرار نه آهي، اختلافي معاملا به جلد حل ٿي ويندا.

اسلام آباد ۾ وفاقي وزير خواجه آصف جي صدارت هيٺ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪي پي ڪي، بلوچستان جي وڏن وزير، سنڌ ۽ پنجاب جي نمائندن صوبن جي نمائندگي ڪئي.

 اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجه آصف چيو ته اڄوڪي اجلاس ۾ نيپرا ترميمي ايڪٽ، واٽر پاليسي ۽ فلڊ ڪميشن جي فنڊن وارن معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته اجلاس ۾ ٽنهي پوائنٽن معاملن تي اڳڀرائي ٿي آهي، صوبن جا خدشا ختم ڪيا ويندا.

خواجا آصف چيو ته ايندڙ اجلاس ۾ سڀني صوبن جا وڏا وزير شرڪت ڪندا، جنهن ۾ ٽنهي پوائنٽن کي حتمي شڪل ڏني ويندي.

خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير پرويز خٽڪ چيو ته صوبي جي معاملن تي ڪو به ٺاهه نه ڪيو ويندو پر ملڪ جي مفاد خاطر  مسئلن تي ڳالهائي سگهجي ٿو………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*