جوهي تعلقي اندر زرعي پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف مختلف شاخن جي آبادگارن هٿن ۾ سُڪل ٻيجارو کڻي ڇنڊڻ پُل وٽ احتجاجي مظاهرو ڪري جوهي دادو روڊ بند ڪري ڇڏيو

johi

جوهي تعلقي اندر زرعي پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف مختلف شاخن جي آبادگارن هٿن ۾ سُڪل ٻيجارو کڻي ڇنڊڻ پُل وٽ احتجاجي مظاهرو ڪري جوهي دادو روڊ بند ڪري ڇڏيو.

آبادگارن، ميهر گاڏهي، بخشل سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي ڇنڊڻ پُل وٽ احتجاج ڪيو.

آبادگارن جي احتجاج سبب جوهي-دادو ٽريفڪ معطل ٿي وئي، ان موقعي تي آبادگارن جو چوڻ هو ته جوهي تعلقي جي سمورين شاخن ۾ زرعي پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري آبادگارن کي معاشي بحران ۾ مبتلا ڪيو پيو وڃي.

اڳواڻن اهو به چيو ته هر سال وياج تي ٻج ڀاڻ کڻي آبادگار لکين روپين جا قرضي ٿي ويا آهن، پاڻي نه هجڻ سبب فصل تيزي سان سُڪي رهيا آهن.

آبادگارن مطالبو ڪيو آهي ته پاڻي کوٽ ختم ڪري منجهن بيچيني ختم ڪئي وڃي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*