ڪوئلي ڪرپشن ڪيس ۾ نامزد پ پ ايم پي اي فقيرداد کوسَي ۽ اڳوڻي وڏي وزير جي پرنسپل سيڪريٽري سهيل اڪبر شاهه سميت چئن جوابدارن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو

Sindh-high-court-18816

ڪوئلي ڪرپشن ڪيس ۾ نامزد پ پ ايم پي اي فقيرداد کوسَي ۽ اڳوڻي وڏي وزير جي پرنسپل سيڪريٽري سهيل اڪبر شاهه سميت چئن جوابدارن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو، جوابدارن تي اڍائي ارب رپين جو ڪوئلو مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪرڻ جو الزام آهي.

سنڌ اسيمبلي جي ميمبر فقيرداد کوسَي، اڳوني ڊي جي مائنز رشيد سولنگي، اڳوڻي وڏي وزير جي پرنسپل سيڪريٽري سهيل اڪبر شاهه ۽ حيدرآباد چيمبر جي اڳوڻي صدر سيٺ گوهر الله سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ چئني جوابدارن جي ڪوئلي ڪرپشن ڪيس ۾ ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي هئي.

نيب جو چوڻ آهي ته جوابدارن تي اڍائي ارب رپين کان وڌيڪ جو ڪوئلو مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪرڻ جو الزام آهي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*