خيرپور جي علائقي اوستا گاهي ۾ جوابدارن پلاٽ جي مالڪيءَ جي تڪرار تان ڪلاشنڪوف جا فائر ڪري مڱڻيجا برادري جي نوجوان کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو

khairpur-map10-8

خيرپور جي علائقي اوستا گاهي ۾ جوابدارن پلاٽ جي مالڪيءَ جي تڪرار تان ڪلاشنڪوف جا فائر ڪري مڱڻيجا برادري جي نوجوان کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.

خيرپور جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ واقع ڳوٺ اوستا گاهي ۾ جوابدارن پلاٽ جي مالڪيءَ جي تڪرار تان مڱڻيجا برادري جي نوجوان وحيد علي ولد محمد مٺل مڱڻيجو کي ڪلاشنڪوف جو برسٽ هلائي قتل ڪري ڇڏيو.

اطلاع تي پوليس پهچي مقتول جو لاش کڻائي سول اسپتال آندو، جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.

مقتول جون وارث عورتون ۽ مرد زارو قطار روئيندا رهيا، مقتول جي والد محمد مٺل ميڊيا کي ٻڌايو ته جوابدار امتياز مڱڻيجو پلاٽ جي مالڪيءَ تان سندس پٽ کي ڪلاشنڪوف جو برسٽ هڻي قتل ڪري ساڻس وڏو ظلم ڪيو آهي.

هن وس وارن کي اپيل ڪئي ته جوابدار کي گرفتار ڪري سخت کان سخت سزا ڏياري وڃي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*