ملتان ۾ ڀائرن جي ظلمن کان تنگ ٿي عورت ڌي کي مارڻ جي ڪوشش ڪئي

multan orat

ملتان ۾ ڀائرن جي ظلمن کان تنگ ٿي عورت ڌي کي مارڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي شهرين بچائي ورتو.

شهر جي گهنٽا گهر چوڪ وٽ مسمات رضيا پنهنجي نوجوان ڌي عليزا کي مارڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي شهرين بچائي پوليس حوالي ڪيو.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي مسمات رضيا چيو ته سندس ڀائر هن سان مسلسل ناانصافيون ڪري رهيا آهن.

عورت چيو ته ڀائرن جي ظلم خلاف هن ڌي کي مارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

مسمات رضيا حڪومت کان مطالبو ڪيو ته سندس ڀائرن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري کيس انصاف فراهم ڪيو وڃي……………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*