پاڪستان ۽ آمريڪا گڏجي دهشتگردي خلاف وڙهي رهيا آهن امريڪي صدر براڪ اوبامه

امريڪي صدر براڪ اوبامه چيو آهي ته پاڪستان ۽ آمريڪا گڏجي دهشتگردي خلاف جنگ وڙهي رهيا آهن پر پاڪستان تي واضح ڪري ڇڏيو آهي ته دهشتگردن جي محفوظ ٺڪاڻن کي ڪنهن به صورت قبول نه ڪيو ويندو، ممبئي حملن جي ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ گهرجي.

ڀارتي اخبار کي انٽرويو ڏيندي آمريڪي صدر براڪ اوبامه چيو ته آمريڪا دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ڄميل آهي، نائين اليون ۽ ممبئي ۾ دهشتگردي جي واقعن کانپوءِ آمريڪا ۽ ڀارت پنهنجي سلامتي ۽ دفاع لاءِ گڏ بيٺل آهن ۽ ممبئي حملن جي ذميوار دهشتگردن کي هر حالت ۾ انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.

هن  چيو ته ڀارت گلوبل پارٽنر آهي، پشاور سانحو اسان کي ياد ڏياري ٿو ته دهشتگرد ڪنهن هڪ ملڪ نه پر خطي لاءِ خطرو آهن.

هن چيو ته آمريڪا ۽ ڀارت جا لاڳاپا گڏيل احترام جي رشتي تي قائم آهن، ٻئي ملڪ هڪٻئي جي تاريخ ۽ روايت کان واقف آهن، ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ مضبوطي کي اهميت ڏيون ٿا پر مفادن کي به نظر ۾ رکڻ گهرجي.

هڪ سوال جي جواب ۾ براڪ اوبامه چيو ته سچ اهو آهي ته ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا ٻه طرفي خواهش سان گڏ تيزي سان مضبوط ناهن ٿي رهيا پر ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪامياب رهيون.

آمريڪي صدر چيو ته گذريل ڪجهه سالن دوران ٻنهي ملڪن جي واپار ۾ 60 سيڪڙو واڌ ٿيو آهي ۽ آمريڪا ۾ ڀارتي نوجوانن کي ملازمت جو بهتر موقعو فراهم ٿيندو، جڏهن ته ٻنهي ملڪن جي فوجين ۾ به گڏيل فوجي مشقن ۾به واڌ ٿي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*