نيب ڪراچي ۾ ڪارروائي ڪري پاڪ پنجاب ڪوآپريٽو سوسائٽي جي زمين ۾ 358 پلاٽ اصل مالڪن بدران ٻين ماڻهن کي ڏيڻ تي ڪوآپريشن کاتي جي اڳوڻي رجسٽرار مرزا منير سميت 5ملازمن کي گرفتار ڪري ورتو آهي

Nab-21916

نيب ڪراچي ۾ ڪارروائي ڪري پاڪ پنجاب ڪوآپريٽو سوسائٽي جي زمين ۾ 358 پلاٽ اصل مالڪن بدران ٻين ماڻهن کي ڏيڻ تي ڪوآپريشن کاتي جي اڳوڻي رجسٽرار مرزا منير سميت 5ملازمن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جن کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

نيب ترجمان موجب ڪراچي ۾ ڪارروائي دوران ڪوآپريشن کاتي جي اڳوڻي رجسٽرار مرزا منير، ڪوآپريٽو سوسائٽي جي اڳوڻي سيڪريٽري ساجد يوسفزئي، خداد خان، محمد عارف ۽ عدنان کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

نيب ترجمان موجب ڪوآپريشن کاتي جي گرفتار ٿيل عملدارن ۽ ملازمن تي ڪوآپريٽو سوسائٽي جي زمين ۾ بدعنوانين ۽ ڪرپش جا الزام آهن، جن بابت کانئن پڇا ڳاڇا ڪئي ويندي ۽ انهن کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*