موئن جو دڙو ۾ عالمي ڪانفرنس جي ٻئي ڏينهن تي ٽئين سيشن ۾ اسڪالرز جي مقالا پڙهڻ جو سلسلو جاري آهي

larkana confrense

موئن جو دڙو ۾ عالمي ڪانفرنس جي ٻئي ڏينهن تي ٽئين سيشن ۾ اسڪالرز جي مقالا پڙهڻ جو سلسلو جاري آهي، پرڏيهي اسڪالرز جو چوڻ آهي ته سم ۽ سيڪ کان تحفظ جا بهتر اپاءُ وٺي موئن جي دڙي جي تهذيب کي صدين تائين محفوظ رکي سگهجي ٿو.

موئن جو دڙو تي عالمي ڪانفرنس جي ٻئي ڏينهن تي جرمني، جاپان، اٽلي ۽ ٻين ملڪن جي ماهرن پنهنجا مقالا پيش ڪيا.

ڪجهه دير ۾ ڪانفرنس جو چوٿون دور شروع ٿي رهيو آهي، جنهن کانپوءِ رات دير سان سمبارا هوٽل ۾ راڳ رنگ جي محفل ٿيندي، جنهن ۾ تر جا سمورا لوڪ فنڪار پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا.

ڪانفرنس جي اڄ پهرئين سيشن جي صدارت سسئي پليجو ڪئي.

ڪانفرنس ۾ اٽلي، جرمني ۽ جاپان سميت ويهه کان وڌيڪ ملڪن جا ڪيترائي اسڪالر شريڪ آهن…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*