ڄام صاحب ۾ ٻن رڪشائن ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ ٽن شاگردن سميت چار ڄڻا زخمي ٿي پيا

ڄام صاحب ۾ ٻن رڪشائن ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ ٽن شاگردن سميت چار ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن، جن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال داخل ڪيو ويو آهي.

نوابشاهه جي علائقي ڄام صاحب ۾ ٻن رڪشائن ۾ سم نالي ويجهو ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ اسڪول ويندڙ ٽي ٻارڙا زخمي ٿي پيا، جڏهن ته هڪ واٽهڙو به زخمي ٿي پيو.

زخمين کي هنگامي طبي امداد لاءِ ويجهي اسپتال داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته حادثي کانپوءِ ٻئي رڪشا ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*