سينيٽ چيئرمين رضا رباني اسلام آباد ۾آمريڪي سفارتخاني پاران ڊپٽي چيئرمين مولانا عبدالغفور حيدري کي ويزا جاري ڪرڻ ۾ غيرضروري دير جو سخت نوٽيس ورتو آهي

raza-rabani

سينيٽ چيئرمين رضا رباني اسلام آباد ۾آمريڪي سفارتخاني پاران ڊپٽي چيئرمين مولانا عبدالغفور حيدري کي ويزا جاري ڪرڻ ۾ غيرضروري دير جو سخت نوٽيس ورتو آهي، سينيٽ چيئرمين جي هدايت تي سينيٽرن جي وفد آمريڪا وڃڻ وارو دورو به ملتوي ڪري ڇڏيو آهي.

جاري ڪيل پريس رليز ۾ سينيٽ چيئرمين رضا رباني چيو ته جيستائين ڊپٽي چيئرمين مولانا عبدالغفور حيدري کي ويزا جاري ڪرڻ ۾ دير بابت آمريڪي حڪومت وضاحت نه ڪندي تيستائي سينيٽ جو ڪو به وفد آمريڪا جي دوري تي نه ويندو.

رضا رباني چيو ته آمريڪي حڪومت جي وضاحت تائين ڪنهن به آمريڪي وفد، ڪانگريس جي ميمبر ۽ سفارتڪار جي سينيٽ ۾ آجيان نه ڪئي ويندي.

سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين مولانا عبدالغفور حيدري ۽ سينيٽر صلاح الدين ترمزي تي ٻڌل سينيٽ جي وفد کي 13 ۽ 14 فيبروري تي انٽر پارليماني تقريب ۾ شرڪت لاءِ گڏيل قومن جي هيڊ ڪوارٽر نيويارڪ وڃڻو هو……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*