مبينا ڪرپشن ڪيس ڪيس ۾ گرفتار اڳوڻي وفاقي وزير ڊاڪٽر عاصم حسين چيو آهي

Dr-Asim-10916

مبينا ڪرپشن ڪيس ڪيس ۾ گرفتار اڳوڻي وفاقي وزير ڊاڪٽر عاصم حسين چيو آهي ته ڪڏهن هلان ٿو، ڪڏهن ويهي رهان ٿو، ڪڏهن وهيل چيئرته وري ڪڏهن لٺ جو سهارو وٺان ٿو، خواهش آهي ته جلد کان جلد ڪيس جو فيصلو اچي وڃي.

ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ اڳوڻي وفاقي وزير ڊاڪٽر عاصم حسين خلاف جي جي وي ايل ۽ 462 ارب رپين جي ڪرپشن ڪيسن جون ٻڌڻيون ٿيون.

ڊاڪٽر عاصم جي وڪيل انور منصور  دليل ڏيندي چيو ته اوگرا ڪيس ۾ جيڪي دستاويز فائيل ڪيا ويا، اهي هتي ناهن، جيڪا جاچ آفيسر جي بد ديانتي ظاهر ڪري ٿي.

انور منصور چيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي عملدرآمد جي سزا طور ڊاڪٽر عاصم حسين جيل ۾ آهي، ڄاڻي واڻي دستاويز گم ڪيا ويا، هي ريفرنس ٺهي نٿو سگهي ۽ نه ئي فرد جرم لاڳو ٿي سگهي ٿو.

عدالت ڊاڪٽر عاصم جي وڪيلن کي ايندڙ ٻڌڻي ته به دليل جاري رکڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي 18 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

عدالت ۾ پيشي کان اڳ ميڊيا سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي ڊاڪٽر عاصم چيو ته سندس خواهش آهي ته ڪيس جو فيصلو جلد اچي.

صحافي پاران طبيعت بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ ڊاڪٽر عاصم حسين چيو ته ڪڏهن هلان ٿو، ڪڏهن ويهي رهان ٿو، ڪڏهن وهيل چيئرته وري ڪڏهن لٺ جو سهارو وٺان ٿو…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*