سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته اسان کي ڪيترائي چئلنجز درپيش آهن

cm in k

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته اسان کي ڪيترائي چئلنجز درپيش آهن، شهر ۾ ڪوبه نوگو ايريا نه  آهي  ۽ ڪراچي ۾ بنا رٿا بندي جي واڌ به وڏو مسئلو آهي .

ڪراچي يونيورسٽي ۾ سيمينار کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته اڳ ۾ چيو ويندو هو ته صوبن کي وساري ڇڏيو، وفاق سڀ ڪجهه آهي پر پ پ ضرورت محسوس ڪندي 18هين ترميم آڻي صوبن کي حق ڏنا.

هن چيو ته ڪراچي ۾ بنا رٿا بندي جي واڌ به وڏو مسئلو آهي، جنهن جا اسان به ذميوار آهيون ڇاڪاڻ ته 8 سالن کان اسان جي حڪومت آهي.

سيد مراد علي شاهه چيو ته فاروق ستار واٽر بورڊ جي ڳالهه ڪري ٿو پر اها ڳالهه نٿو ڪري ته 10هزار غير قاقنوني ماڻهو ڪنهن ڀرتي ڪيا، اسان ڪنهن کي نوڪري مان نه ڪڍنداسين پر غير قانوني ڀرتين واري ڳالهه تسليم ڪرڻ گهرجي.

ان موقعي تي سيمينار ۾ موجود فاروق ستار مصطفيٰ ڪمال جي خالي  پيل سيٽ ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته اهو ذميوار آهي، جنهن تي وڏي وزير کيس چيو ته اوهان به برابر جا شريڪ آهيو.

وڏي وزير چيو ته ڪراچي ۾ڪوبه نوگو ايريا نه آهي ۽ آئون بنا پروٽوڪول جي شهر جي دوري تي نڪري ويندو آهي.

سيد مراد علي شاهه چيو ته هو اسيمبلي ۾ سڀني کان وڌيڪ پڙهيل لکيل آهي پر سياست کان بلڪل  اڻڄاڻ آهيان ۽ سياست پنهنجي تڪ جي عوام کان سکي آهي.

سيد مراد علي شاهه چيو ته هو ڪراچي کي هر مهيني 50 ڪروڙ رپيا ڏين ٿا پر رقم جو وڏو حصو پگهارن تي خرچ ٿي وڃي ٿو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*