ريلوي واري وفاقي وزير خواجا سعد رفيق چيو آهي ته ريلوي جو نظام بهتر ڪيو ويو آهي

khuwaja saad rafiq

ريلوي واري وفاقي وزير خواجا سعد رفيق چيو آهي ته ريلوي جو نظام بهتر ڪيو ويو آهي، هاڻي ماڻهو گهر ويٺي ريل گاڏي جو ٽڪيٽ بڪ ڪرائي سگهن ٿا.

 لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي خواجا سعد رفيق چيو ته حڪومت ريلوي ۾ پينشن جو نظام بهتر ڪري رهي آهي، جئين ملازمن کي سهولتون ملي سگهن.

هن چيو ته سموري ريلوي اسٽيشنز جي اپگريشن ڪئي پئي وڃي ان سلسلي ۾ ريلوي ماهرن کان مشورا وٺي رهيا آهيون.

       خواجا سعد رفيق وڌيڪ چيو ته رائيونڊ ريلوي اسٽيشن جو خواب پورو ٿي رهيو آهي، حڪومت چيني انجنيئرز ذريعي ريلوي پٽڙين جو مرمتي ڪم ڪرائي رهي آهي……………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*