ماضيءَ ۾ هڪ ئي ٻيڙي ۾ سوار ۽ هاڻي ڪٽر سياسي مخالف مصطفيٰ ڪمال ۽ ڊاڪٽر فاروق ستار ڪراچي ۾ سيمينار دوپران هڪٻئي سان هٿ ملايو

farooq and mustufa kamal

 ماضيءَ ۾ هڪ ئي ٻيڙي ۾ سوار ۽ هاڻي ڪٽر سياسي مخالف مصطفيٰ ڪمال ۽ ڊاڪٽر فاروق ستار ڪراچي ۾ سيمينار دوپران هڪٻئي سان هٿ ملايو ۽ مصطفيٰ ڪمال فاروق ستار کي پنهنجي ڪرسي به ڏني.

           ڪراچي يونيورسٽي جي سيمينار ۾ پي ايس پي سربراهه مصطفيٰ ڪمال ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سربراهه ڊاڪٽر فاروق ستار  وچ ۾ ملاقات ٿي.

              مختصر ملاقات دوران پي ايس پي سربراهه مصطفيٰ ڪمال پنهنجي ڪرسي تان اٿي ڊاڪٽر فاروق ستار حوالي ڪئي ۽ ساڻس هٿ به ملايو.

              صحافي ٻنهي اڳواڻن کي ٻيهر هٿ ملائڻ لاءِ چيو،جنهن تي مصطفيٰ ڪمال جواب ڏنو ته چئو ته ڀاڪر به پايون.

         سيمينار کي خطاب ڪندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته هن وقت ڀاءَ کي ڀاءَ سان ويڙهايو ويو آهي، جيڪو اسان جي ڳالهه مڃيندو اهو اسان جو ڀاءُ آهي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*