تحريڪ انصاف پاران پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف جي نااهلي خلاف داخل ريفرنس جي ڀرپور پيروي جو اعلان ڪيو ويو آهي

Naeem-Ul-Haq-161116

 تحريڪ انصاف پاران پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف جي نااهلي خلاف داخل ريفرنس جي ڀرپور پيروي جو اعلان ڪيو  ويو آهي، تحريڪ انصاف اڳواڻ نعيم الحق جاري ڪيل بيان  ۾ چيو ته رياستي نظام مان شريفن جو قبضو ختم ڪري سک جو ساهه کنيو ويندو.

هن چيو ته پنجاب اسيمبلي جو اسپيڪر سومر واري ڏينهن شهباز شريف خلاف ريفرنس جي ٻڌڻي ڪندو، جتي سينئر قانوني ماهر بابر اعواڻ تحريڪ انصاف جي ريفرنس جي پيروي ڪندو.

 نعيم الحق چيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪمنامي بعد شهباز شريف جي وڏ وزارت ۾ رهڻ جو ڪو به جواز ناهي رهيو.

هن چيو ته نون ليگ پنهنجي ذاتي مفادن لاءِ قائدن ۽ قانونن جي ڀڃڪڙي ڪري رهي آهي، جيڪو غلط عمل آهي.

 نعيم الحق وڌيڪ چيو ته نون ليگ پنهنجي مرض جا فيصلا نه اچڻ تي عدالتن تي حملا ڪندي آهي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*