باڊهه جي درگاهه شريف محلي مان نوجوان جو اوطاق مان تشدد ٿيل ۽ گوليون لڳل لاش هٿ آيو آهي

badah

باڊهه جي درگاهه شريف محلي مان نوجوان جو اوطاق مان تشدد ٿيل ۽ گوليون لڳل لاش هٿ آيو آهي.

باڊهه جي درگاهه شريف مُحلي جي رهواسي اسلم ڪانڌڙي جو گوليون لڳل لاش سندس اوطاق مان هٿ آيو.

مقتول جي وارثن جو چوڻ آهي ته 5 ڏينهن اڳ گوپانگ برادي سان پاڻي جي واري تان سندن جهيڙو ٿيو هو، جنهن ۾ 17 ڄڻا زخمي ٿيا هئا.

وارثن شڪ ظاهر ڪيو ته گوپانگ برادري جي ماڻهن سندن نوجوان کي فائ.رنگ ڪري قتل ڪيو آهي…

مقتول جي مڙهه کي پوسٽ مارٽم  لاءِ تعلقه اسپتال باڊهه منتقل ڪيو ويو آهي، باڊهه پوليس قتل جو اڃان تائين ڪيس داخل نه ڪيو آهي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*