خانپور مهر ۾ شهرين گندگي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو

khanpur mahr

خانپور مهر ۾ شهرين گندگي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، شهرين جو چوڻ آهي ته ٽائون ڪميٽي انتظاميا جي نااهلي سبب سڄو شهر گندگي جي ور چڙهيل آهي.

شهرين خان محمد مهر ، رفيق سومرو، عباس ميراڻي ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته شهر جي مختلف پاڙن ديدار محلو، ميراڻي محلو، سومرا محلو ۽ مهر محلو سميت ڪيترائي محلا گندگي جي ور چڙهيل آهن.

هنن چيو ته ناليون اٿلڻ سبب مختلف محلن ۾ گندو پاڻي تلائن جي صورت ۾ بيٺل آهي، جنهن ڪري شهري سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن.

هنن مطالبو ڪيو ته شهر مان گندگي جو آزار ختم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*