پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين شهريارخان چيو آهي ته فاسٽ بالر محمد عرفان اڃان تائين ڪليئر نه ٿيو آهي

CRICKET-PAK-PCB-CHAIRMAN

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين شهريارخان چيو آهي ته فاسٽ بالر محمد عرفان اڃان تائين ڪليئر نه ٿيو آهي، جاچ جاري آهي ۽کيس هڪ ٻن ڏينهن اندر شوڪاز نوٽس جاري ڪيا ويندا.

پي سي بي چيئرمين شهريارخان چيو ته شرجيل خان ۽ خالد لطيف اسپاٽ فڪسنگ ڪئي ۽سندس خلاف ڪاروائي پي سي بي جي اينٽي ڪرپشن يونٽ ڪئي.

شهريارخان جو چوڻ هوته جنهن ڏينهن  پي سي بي پاران رانديگرن کي اينٽي ڪرپشن تي ليڪچر ڏنو ويو، انهيءَ شام هو شڪي ماڻهو سان ملڻ هليا ويا، جنهن بعد ثبوت ملڻ تي کين فوري طور معطل ڪيو ويو.

شهريارخان وڌيڪ چيو ته شرجيل خان ۽ خالد لطيف کي شوڪاز نوٽس جاري ڪيا ويا آهن  هڪ سينيئر جج جي نگراني ۾ هڪ ڪمِيٽي جوڙي ويندي، جنهن ۾ ٻنهي رانديگرن کي پنهنجي صفائي پيش ڪرڻ جو پورو موقعو فراهم ڪيو ويندو.

شهريار خان وڌيڪ چيو ته آءِ سي سي جو نئون آئين وڏي اهيمت وارو آهي، نئين آئين ۾ ڪابه ترميم نه ڪئي وئي آهي.

هن چيو ته ڪلين شيٽ ڪڍي نئون آئين جوڙيو ويو آهي.

سندس وڌيڪ چوڻ ته ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ بگ ٿري معاملي کي ملتوي ڪرڻ جي ڪوششون ڪيون ۽ کين خبر هئي ته هو پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي تجويز جي مخالفت ڪندا.

شهريارخان وڌيڪ چيو ته بگ ٿري معاملي تي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي حق ۾ 10 ملڪن ساٿ ڏنو ،جڏهن ته ڀارت سان صرف سري لنڪن ڪرڪيٽ بورڊ گڏ هو.

هن وڌيڪ چيوته آءِ سي سي جي آئين جي حتمي منظوري جون مهيني ۾آءِ سي سي جي  اجلاس ۾ ڏني ويندي.

شهريارخان وڌيڪ چيو ته آِءِ سي سي ٽآسڪ فورس جي سربراهه جائلز ڪلارڪ پاڪستان کي 80 سيڪڙو محفوط ملڪ قرار ڏنو آهي ۽ هن آءِ سي سي کي جيڪا رپورٽ ڏني آهي، اها مثبت آهي.

چيئرمين شهريارخان چيو ته جائلز ڪلارڪ پي ايس ايل جو فائنل لاهور ۾منعقد ڪرڻ جي حق ۾ آهي ۽ اهو فائنل لاهور ۾ ڪرائڻ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ لاءِ اعزازآهي.

هن چيو ته پي ايس ايل جي فائنل لاهور ۾ ٿيڻ بعد ملڪ ۾ انٽرنيشل ڪرڪيٽ جا دروازه کلندا ۽ آهستي آهستي وڏيون ٽيمون پاڪستان جو دورو ڪنديون، جڏهن ته 15 فيبروري کان آل پاڪستان اسڪول چيمپيئن شپ شروع ڪري رهيا آهيون.

پي سي بي چيئرمين شهريارخان وڌيڪ چيوته تعليم جي گهٽائي سبب رانديگرن کان غلطيون ٿي رهيو آهي،جڏهن ته سلمان بٽ تعليم يافته هجڻ باوجود اسپات فڪسنگ ڪئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*