اسلام آباد هائيڪورٽ سرڪاري سطح ۽ عوامي هنڌن تي ويلنٽائن ڊي ملهائڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي

islamabad-highi-court

اسلام آباد هائيڪورٽ سرڪاري سطح ۽ عوامي هنڌن تي  ويلنٽائن ڊي ملهائڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي، ميڊيا کي  ويلنٽائن ڊي جي ڪوريج نه ڪرڻ بابت پيمرا کي حڪم ڏنو آهي.

جسٽس شوڪت صديقي جي سنگل بئنچ داخل درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.

درخواستگذار عبدالوحيد موقف اختيار ڪيو ته ويلنٽائن ڊي ملهائڻ  اسلامي تعليم خلاف آهي، ويلنٽائن ڊي جي آڙ ۾ بداخلاقي ۽ بي حيائي ڦهلائي وڃي ٿي.

درخواستگذار عدالت کي اپيل ڪئي ته ويلنٽائن ڊي ملهائڻ کان روڪڻ جو حڪم جاري ڪيو وڃي.

جسٽس شوڪت صديقي درخواست جي ٻڌڻي ڪندي سرڪاري سطح ۽ عوامي هنڌن تي  ويلنٽائن ڊي ملهائڻ تي پابندي لڳائڻ سان گڏوگڏ ميڊيا کي ڪوريج کان روڪڻ لاءِ پيمرا چيئرمين کي هدايتون پڻ جاري ڪيون آهن……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*