لاهور ۾ پنجاب اسيمبلي ويجهو چيئرنگ ڪراس تي ڌماڪي جي نتيجي ۾ ڊي آءِ جي ٽريفڪ ڪيپٽن مبين ۽ وقتي ڊي آءِ جي آپريشن زاهد گوندل سميت 13 ڄڻا شهيد ۽ 70 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن

lahoreblast-13217

لاهور ۾ پنجاب اسيمبلي ويجهو چيئرنگ ڪراس تي ڌماڪي جي نتيجي ۾ ڊي آءِ جي ٽريفڪ ڪيپٽن مبين ۽ وقتي ڊي آءِ جي آپريشن زاهد گوندل سميت 13 ڄڻا شهيد ۽ 70 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن. ڌماڪو ان وقت ٿيو، جڏهن صوبائي سرڪار جي ڊرگ ايڪٽ خلاف فارما ڪمپنيز جي سڏ تي ملازمن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو پئي ويو. ڌماڪي واري هنڌ وڏي انگ ۾ مظاهرين کانسواءِ پوليس ۽ ٽريفڪ پوليس جا آفيسر توڙي اهلڪار به موجود هئا.

ڌماڪو آج ٽي وي جي ڊي ايس اين جي وين وٽ ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ موقعي تي موجود ٽريفڪ پوليس جي ڊي آءِ جي مبين احمد ۽ وقتي ڊي آءِ جي آپريشن زاهد گوندل سميت 13 ڄڻا شهيد ۽ 70 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. شهيد ٿيلن ۾ 6 پوليس اهلڪار ۽ ٽريفڪ جا 3 وارڊن به شامل آهن.

ڌماڪي کانپوءِ پوليس توڙي موقعي تي موجود ماڻهن زخمين کي گنگارام اسپتال ۽ ٻين اسپتالن ڏانهن منتقل ڪرڻ شروع ڪيو. زخمين مان ڪجهه جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. آج ٽي وي جي ڊي ايس اين جي ويجهو ڌماڪو ٿيڻ سبب ڊي ايس اين جي عملي جا 3 ملازم به زخمي ٿي پيا.

واقعي جو اطلاع ملڻ تي پاڪ فوج جا جوان به پهچي ويا، جن علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو ۽ علائقي جي جيوفينسنگ شروع ڪئي. پوليس پاران واقعي واري هنڌ تان ٻن شڪي ماڻهن کي حراست ۾ به ورتو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*