ڪوئيٽا ۾ هٿ آيل بم کي ناڪاره بڻائڻ دوران ڌماڪي جي نتيجي ۾ بم ڊسپوزل اسڪواڊ جو اي ايس آءِ شهيد ۽ 11 اهلڪار زخمي ٿي پيا

Quetta-map-1816

ڪوئيٽا ۾ هٿ آيل بم کي ناڪاره بڻائڻ دوران ڌماڪي جي نتيجي ۾ بم ڊسپوزل اسڪواڊ جو اي ايس آءِ شهيد ۽ 11 اهلڪار زخمي ٿي پيا.

شهر جي سرياب روڊ تي اوور هيڊ برج وٽ بم ڊسپوزل اسڪواڊ جو عملي هٿ آيل بم کي ناڪاره بڻائي رهيو هو ته ڌماڪو ٿيو.

ڌماڪي جي نتيجي ۾ بم ڊسپوزل اسڪواڊ جو اي ايس آءِ عبد الرزاق شهيد ٿي ويو، جڏهن ته  اهلڪارن سميت 11ڄڻا زخمي ٿي پيا.

امدادي ٽيمن واقعي واري هنڌ پهچي شهيد ٿيل اي ايس آءِ جو لاش ۽ زخمي اهلڪارن کي اسپتال منتقل ڪيو.

واقعي بعد سيڪيورٽي فورسز پهچي علائقي کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*